منصور حمزہ ھڪ شاعر ۽ جيوگرافر

Pages

نثري نظم



ها مان ڏسندو هئس توکي

تون جڏهن ساهڙين سان ٺپي راند کيڏندي هئين
ڪڏندي هئين ته
اندر مان آھ نڪري ويندي هئي .
مون کي ياد آهي
جڏهن تون
پينگھ تان ڪري پئي هئين
تنهنجي ساڄي ٻانھ رهڙجي پئي هئي
ان ڏينهن مون کي تنهنجي ڏاڍو فڪر ٿيو هو.
هاڻي تون وڏي ٿي وئي آهين ۽ مان به
تنهنجا وکريل وار جڏهن
هوا ۾ جھومندا آهن ته
سڄي ماحول ۾ هڳاءُ ڦهلجي ويندو آهي
۽ رنگ رنگيلا پوپٽ
تنهنجي وکريل وارن سان راند ڪندا آهن
۽ مان ان حسرت سان پيو ڏسندو آهيان
ته ڪاش مان اهو پوپٽ هجان ها.
مون هميشه توکي مرڪندي ڏسڻ گھريو  آهي
تون منهنجي محبت کان نا واقف
منهنجي وجود جو حصو آهين.