منصور حمزہ ھڪ شاعر ۽ جيوگرافر

Pages

Showing posts with label شاعري. Show all posts
Showing posts with label شاعري. Show all posts

نثري نظم

دلربا



ڪڏهن ته دلربا ملندي،
خوابن ۾،
ڪڏهن خوشيون،
ڪڏهن مرڪون،
هوءَ خوب کڻي ايندي،
ڪڏهن ته دلربا ملندي.


منصور ميراڻي

نثري نظم



ها مان ڏسندو هئس توکي

تون جڏهن ساهڙين سان ٺپي راند کيڏندي هئين
ڪڏندي هئين ته
اندر مان آھ نڪري ويندي هئي .
مون کي ياد آهي
جڏهن تون
پينگھ تان ڪري پئي هئين
تنهنجي ساڄي ٻانھ رهڙجي پئي هئي
ان ڏينهن مون کي تنهنجي ڏاڍو فڪر ٿيو هو.
هاڻي تون وڏي ٿي وئي آهين ۽ مان به
تنهنجا وکريل وار جڏهن
هوا ۾ جھومندا آهن ته
سڄي ماحول ۾ هڳاءُ ڦهلجي ويندو آهي
۽ رنگ رنگيلا پوپٽ
تنهنجي وکريل وارن سان راند ڪندا آهن
۽ مان ان حسرت سان پيو ڏسندو آهيان
ته ڪاش مان اهو پوپٽ هجان ها.
مون هميشه توکي مرڪندي ڏسڻ گھريو  آهي
تون منهنجي محبت کان نا واقف
منهنجي وجود جو حصو آهين.

سن

سن کان واپسي تي هڪ دوست پڇيو
سن ۾ ڇاڇا هو؟
مون چيو

بــادل هــئــا بــرســـات هـــئــي
ماروئــڙن جـي هـر ڀات هــئــي
هـر پـــاســي ٿــي نعرا لـــڳــا ۽
 دشمـن کي بــه مــــات هـــئــي

وڻــڪـــاري چــــوڌار هـــئـي
گــيــتــن جــــي گونجاڙ هئــي
صـنعان ڪالاڻي ساگـــر ســان
ســـن ســڄــي گــلـــزار هــئـي

هــر ڪــو مـاڻـهـو آزاد هـئـــو
اتــي سـنــڌين ۾ اتحاد هئــــو
لــڙڪ هــئـــا ۽ ٽــهــڪ هـئــــا
ســيــد ســڀــن کــي يــاد هئــو

لاٽ اهڙي ٻارجي!


عـــلــــم ۽ شـــعــــور ســــان ســــنـــڌ کــــي ســـنـــوارجـــي 
ســــــــنــــڌ کـــــي ســــڌارجـــــي لاٽ اهــــــڙي ٻــــــارجــــــي 

وڏي نــنـــڍي ۽ ٻــــار کـــي پــيـــار ســــان پـــڪـــارجــــي 
ســـنــــڌ کــــــي ســـــــڌارجـــــي لاٽ اهــــــڙي ٻـــــارجــــــــي 

مــحــبــتــون ورهــائـــجــــن ۽ نـــفـــرتــــون ڌڪــــارجــــن 
روپ اهــــــڙو ڌارجـــــي ڪـــــا لاٽ اهــــــڙي ٻــــــارجــــي

درد ســڀ ئـــي دور ٿـيــن ڳــوڙهـــو نه ڪوئي ڳـاڙجـي
ويــهـي ســڄــڻ کــي ســـارجــي لاٽ اهــــڙي ٻــــارجـــــي

رســي وڃــي جـــي يـــار ڪــو رســتــو اهـو اخـتيارجي
ان کــــي وڃــــي پــــرچـائــجـــي لاٽ اهــــــڙي ٻــــارجـــي

اظهار



پــيــار ٿــو هــرڪــو گــھــري،
اقرار ٿــو هــرڪـو گـــھــري،
پــيــار ڪــر تــه اظـــهار ڪر،
اظـهـار ٿـو هــرڪــو گــھـري

اوچتو



جڏهن ڪو وڇڙي وڃي ٿو اوچتو،
تير دل ۾ کپجي وڃي ٿو اوچتو،

ٽوڙي وڃي ٿو پيار جر هر ڏور کي،
اندر بيابان ڪري وڃي ٿو اوچتو،

خوشيون سهيڙي، ڏيئي وڃي ٿو ڏکڙا،
طوفان آڻي وڃي ٿو اوچتو،

بهارون کڻي، پن ڇڻ موسم ڪري،
برسات آڻي وڃي ٿو اوچتو،

جڏهن پهريون پيار ٿو وڇڙي وڃي،
وقت به رڪجي وڃي ٿو اوچتو

پيمانو

دل جي دردن جو ڪوئي پيمانو نه ٿيندو آ،
ڏک جي لمحن جو ڪوئي پيمانو نه ٿيندو آ،
ڪوئي ڪيئن ڪري غريب جي لڙڪن جي پئمائش،
اکڙين جي لڙڪن جو ڪوئي پيمانو نهن ٿيندو آ.

اڃا به ديس واسي چپ


ڪــراچـي ڪـوس خـانـو بـڻـجـي ويــو، اڃـا بـه ديـس واسـي چپ، 
مــايـــا جــي نـشـــي ۾ مــدهــــوش، اڃــا بـــه ديـــــس واســي چـــپ،
هــجــي هــا هـــوش ۾ ڪـــوئـــي، قـــوم غــلام نـــه بــڻــجـي هـــا،
انــا جـــي ويــــڙھ ۾ بــيــهــوش، اڃـــا بـــــه ديــــس واســـــي چــــپ.

اچ ملون ٻئي چوڪ تي


جــــھـــڙالـي مــوســم ڪـــڪــر ڪــــارا ٿـــا رلــن،
ٿــڌڪــار ٿــيـــو آ، هــوا ۾ وڻ وڻـن سـان مـلـن،
ســڀــڪو مــلــي، پــاڻ ٻـــئــي ڇـــو ڌار ٿــيـون!
اچ مــلون ٻئي چوڪ تي نيڻ نيڻن سـان ملن.

هر لفظ ٿو لوڻ ٻرڪي

ڪيئن لفظن کي 
سهڙيان ورقن تي
دردن ڀريو
هر داستان آهي
هر لفظ ٿو لوڻ ٻرڪي
زخمن ٿي

آفتاب

هيڏي وڏي ڪائنات ۾
نون ڀائرن جو هڪڙو سهارو
جيالو سڀن جو وڏي ڀاءُ وانگي
هيڏو وڏو آفتاب آهي

هڪ قوم جا ماڻهو


هڪ قوم جا ماڻهو
خوابن پيا جاڳن ٿا
حقيقت ۾ ستل آهن
ڀانيان ٿو اهي ماڻهو 
سنڌي قوم جا ماڻهو

زندگيءَ جي چوراهي تي

زندگيءَ جي چوراهي تي،
مان اڪيلو تون بن آهيان،
تون اڪيلو مون بن آهين،
ڪنهن  وڻ جي ڪٽيل ڏار جيان،
تون اڌورو مون بن آهين 
مان اڌورو تو بن اهيان.

تون وئين ويسارو ٿي پيو آ


تون وئين ويسارو ٿي پيو آ،
ناسور، سور سارو ٿي پيو آ،
دل لڳي، وري ٿيو وڇوڙو،
تو بنا ڏکيو گذارو ٿي پيو آ.

ڇو نه سنڌي سڏايان مان


ڇونه سنڌي سڏايان مان،
ٽوپي اجرڪ پايان مان،

لکان گيت غزل امڙ لاءِ،
سنڌ جا نغمان ڳايان مان،

سنڌڙيءَ سان ئي دنيا آهي،
سنڌڙيءَ کي سجايان مان،

شال سنڌ جو منصور ٿيان،
سنڌ لاءِ ڪنڌ ڪپايان مان.

يادگيريون


ڪــي بــاتـيـون يـاد آيــــون،
مـــلاقــاتــيــون يــــاد آيــــون،
يـادگـيـريـون ۽ مـان اداس،
امـاس راتـيـون يـــاد آيـــون.

خدا جتي ڪٿي آهي


جي پڇي ڪوئي،
خدا ڪٿي آهي؟
رهي ٿو هيٺ
يا 
مٿي آهي؟
چئجانس!
عقل جي عئنڪ لاھ اڙي مورک!
اندر مان جھاتي پائي ڏس،
خدا جتي ڪٿي آهي

ڪوئي ڪنهن کي ساري ٿو


پن ڇڻ جي موسم ۾،
ڪوئي هنجون هاري ٿو،

سرديءَ ۾ تنهائي جو،
هر لمحو هيانءَ کي ڏاري ٿو،

نئين سال جي آمد تي اڄ،
ڪوئي ڪنهن کي ساري ٿو.

منهنجا اڃايل چپ


سالن کان،
منهنجا اڃايل چپ،
ٺوٺ مٽي ٿي پيا آهن،
اڄ اچي،
پنهنجي گلابي چپن سان،
منهنجي چپن کي چئي،
گلزار ڪري وڃ.

لڙڪ هاري ٿڪو آهيان


لڙڪ هاري ٿڪو آهيان،
توکي ساري ٿڪو آهيان،

راهو نهاري ٿڪو آهيان،
ليئا پائي ٿڪو آهيان،

ايڏو نه پرک ڪچو آهيان،
پچي پچي ٿڪو آهيان،

اچي هاڻي سهائي ڪر،
ڏيئا ٻاري ٿڪو آهيان،

اچي خاموش ۾ آواز ڀر
خاموش ٿي ٿڪو آهيان.