منصور حمزہ ھڪ شاعر ۽ جيوگرافر

Pages

Showing posts with label ڪهاڻيون. Show all posts
Showing posts with label ڪهاڻيون. Show all posts

پاگل


ڪهاڻيڪار: مظهر الاسلام
ترجمو :      منصور ميراڻي


جڏهن هن کي پاگل خاني آندو ويو ته هو آپي کان ٻاهر هو ۽ هن جون روشن چمڪدار اکيون مرجهايل هيون ۽ انهن منجھ پري پري تائين اونداھ پکڙجي وئي هئي، چهرو ائين لٽڪيل هيس جيئن ٿوري دير اڳ ۾ زمين تي ڪري ٽٽي پيو هجي ۽ هاڻيءَ مضبوطيءَ سان ڳنڍڻ لاءِ بانڊ لڳايو ويو هجيس، هن جا وار وچڙيل ۽ وکريل هئا، هن جي ڏاڙهي وڌيل هئي ۽ شرٽ جي سلائي اڊڙي وئي هئس، هن جي پينٽ جا پانچا وڪوڙيل هئا ۽ پيرن ۾ جتي نه هئس، هن جي ڳلي ۾ پٽو هو جنهن ۾ لڳل زنجير هن پنهنجي هٿ ۾ جهلي رکي هئي ۽ زنجير کي ڇڪي ۽ ٽپ ٽپ ڏيئي پاڻ کي ڀولڙي وانگر نچائي رهيو هو ۽ ان گڏ اهو چئي رهيو هو.”واھ ڙي واھ ڀولڙي ٿورو نچي ته ڏيکار.“.
ايتري ۾ پاگل خاني جا ملازم اڳتي وڌيا ۽ هن کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪيائون پر هو ڀولڙي وانگر اولر ڪري نڪري ويو ۽ آڳر جي ٻي ڪنڊ ۾ وڃي پنهنجي ڳلي ۾ وڌل پٽي جي زنجير کي لوڏي نچڻ لڳو.....
”واھ ڙي واھ ، ڀولڙي نچي ته ڏيکار.“
پاگل خاني جا ملازم هن کي پڪڙڻ لاءِ هن طرف ڊوڙڻ لڳا ته  هن جي ماءُ اکين ۾ آيل ڳوڙهن کي روڪيندي پرتي منهن ڦيري ڇڏيو هن جو دوست به هن کي پڪڙڻ لاءِ ڊوڙڻ لڳو  پر هو لڳاتار ڀولڙين وانگر ڪڏندو ۽ نچندو رهيو ۽ آواز ڪڍندو رهيو .... ”واھ ڙي واھ ڀولڙي نچي ته ڏيکار.“
ملازمن هن کي جلد ئي پڪڙي ورتو.
هن جو دوست هن جي اکين ۾ اکيون وجھندي پڇيو منهنجا دوست توکي ڇا ٿي ويو آهي تون ائين ڇو ٿي ويو آهين؟
جڏهن پاگل خاني جا ملازم هن کي ضابطي ۾ آڻي هڪ طرف وٺي ويا ته هن جو دوست ۽ ماءُ پاگل خاني جي انچارج جي آفيس ۾ آيا ۽ ضروري ڪاغذ پر ڪرڻ لڳا. ماءُ جي اکين ۾ ڳوڙهن جون قطارون هيون ۽ هوءَ هن جي ميڊيڪل سرٽيفيڪن ۽ نسخن کي ڪڍندي ميز تي رکندي وئي. دوست جي قلم جي بي تابي هن جي دل جي ڪيفيت ظاهر ڪري رهي هئي.
جڏهن هو ضروري ڪاغذ پر ڪري فارغ ٿيا ته پاگل خاني جي انچارج ڪيس هسٽري معلوم ڪرڻ ڳالھ ڇيڙي ۽ هن جي ماءُ سان مخاطب ٿيندي وراڻيو.
توهان جي پٽ جي عمر ڪيتري آهي؟
تقريبن 34 سال
والد؟
هو ڪيترائي سال اڳ گذاري ويو آهي
خاندان ۾ ٻئي ڪنهن کي پاگل پڻي جا دورا پيا آهن؟
نه .... بلڪل نه!
ڪيترا ڀيڻ ڀائر آهن؟
صرف ٻه ڀائر آهن.
ٻيو ڀاءُ ڪٿي آهي؟
جي هو هن کان ننڍو آهي ۽ ٻاهر آهي. اسان ته هن کي معلوم ٿيڻ نه ڏنو آهي هو هن سان ڏاڍي محبت ڪندو آهي، جيڪڏهن هن کي خبر پئي ته سڀ ڪجھ ڇڏي واپس هليو ايندو. وري ماءُ ويجھو ويٺل نوجوان ڏانهن نهاريو ۽ چيائين ته هي منهنجي پٽ جو تمام ويجهو دوست آهي. انچارج نوجوان ڏانهن ڏٺو ۽ وري ماءُ سان مخاطب ٿيندي چيائين
ڪا مالي پريشاني ؟
بلڪل نه.
شادي ٿيل اٿس؟
ها! .... ٻه ٻار به اٿس.
ڪا خاص بيماري؟
نه..!
ڪو خانداني يا گهريلو جهيڙو؟
نه، بلڪل نه.
توهان جي خيال ۾ هن پاگل پڻي جي هن دوري جو سبب ڇا ٿي سگهي ٿو؟ پنهنجي ڳلي ۾ پٽو وجھي پاڻ ئي پنهنجو پاڻ کي نچائڻ.
ماءُ ڪنهن گهري سوچ ۾ ٻڏي وئي ڄڻ پنهنجي پٽ جي پاگل پڻي جي ڪري سوچڻ جي ڪوشش ڪري رهي هجي وري خاموشي ٽوڙيندي ٽٽل آواز ۾ چيائين. هن کان پڇو هي هن جي ننڍپڻ جو دوست آهي مان ڇا ٻڌايان. انچارج سوال ڀرين نظرن سان نوجوان طرف نهاريون ته هن چيو.
هو بيحد حساس آهي، ننڍين ننڍين ڳالهين کي به وڏي شدت سان محسوس ڪندو آهي ڪنهن کي به تڪليف ۾ ناهي ڏسي سگهندو، سچ ڳالهائڻ هن رڳو عادت نه پر شوق به آهي؟
”ڪو نفسياتي مسئلو؟“ انچارج پڇيو.
ڪجھ ورهيه اڳ هن کي ساھ جي تڪليف ٿي هئي مان سائيو ڪري هن کي ڊاڪٽر ڏانهن وٺي ويس پر ڊاڪٽر چيو ته هن کي ساھ جي تڪيلف ناهي پر هو نفسياتي طور محسوس ڪري ٿو جڏهن هو ڪنهن تڪليف ڏيندڙ ڳالھ تي سوچيندو آهي ته نفسياتي دٻاءَ جي ڪري هن جو دم گهٽجڻ لڳندو آهي. هن لاءِ بهتر رهندو ته هر ان سوچ کان پري رهي جنهن اعصابي دٻاءُ پيدا ٿي سگهي ٿو. دوست جو آواز ڏڪڻ لڳو ته هو چپ ٿي ويو ماءُ جڏهن محسوس ڪيو ته هن جي دوست جي دل ڀرجي آئي هئي ته چيائين. گذريل ٻه ٽي سالن کي هن جي مزاج ۾ گهٻراهٽ اچي وئي هئي صبح جو سوير اخبار پڙهڻ کانپوءِ هو هڪ دم ساھ جي تڪيلف محسوس ڪندو هو ۽ تڪڙ تڪڙ ۾ نه رڳو پنهنجي ڪمري جون پر سموري گهر جي ڪمرن جون کڙڪيون کولي ڇڏيندو هو. پردا هٽائي ڇڏيندو هو. انهن ئي ڏينهن هن کي السر جي تڪليف ٿي پئي ته هو ڊاڪٽر جي ڪلينڪ کان واپس اچي حيرت وچان ٻڌائيندو هو ته ڊاڪٽر جي ڪلينڪ مريضن سان ڀريل هئي ۽ سموري مريض السر جي مرض ۾ مبتلا هئا ۽ وري پاڻ ئي چوندو هو .....
السر مينٽل ٽينشن جي ڪري ٿيندي آهي، ڊاڪٽر ان ڪري مونکي ۽ ٻين مريضن کي ننڊ جون ٽڪيون ڏيندو آهي، اهو انتهائي ضرور آهي ان سان ذهني دٻاءُ ختم ٿي ويندو آهي.
ڇا هو تمام گهڻو ننڊ جون ٽڪيون استعمال ڪندو هو؟
ها پهريون پهريون انهن مان هن کي ڪجھ آرام ملندو هو پر بعد ۾ اهي به بي اثر ٿي ويون.
هن جو ذهبي توازن خراب ٿيڻ ڪڏهن کان شروع ٿيو؟
ڪجھ مهينا اڳ ۾ هو صبح جو سوير اخبار پڙهي رهيو هو ته يڪدم اٿي بيٺو ۽ چوڻ لڳو امان مان ٿڪجي پيو آهيان منهنجي اندر برداشت ختم ٿي وئي آهي، مونکان شهر جي حالت ڏٺي نٿي ٿئي، منهنجو ساھ گهٽجي رهيو آهي، شهر ۾ جهالت ۽ محروم پکڙجي رهي آهي، بندوقن سان گهيري سان کي ڀولڙي وانگر نچايو پيو وڃي، اهو چئي هو پنهنجي ڪمري ۾ هليو ويو ٿورڙي دير کان پوءِ هن زال گهٻرائيندي مون وٽ باورچي خاني ۾ آئي ۽ چوڻ لڳي امان ڏسو ته هن کي ڇا ٿي ويو آهي. مان ڀڄندي هن جي ڪمري ويس ته هو پنهنجي ڳلي ۾ پٽو وجھي پنهنجا هٿ زمين سان لڳائي ٻڪر وانگر ٿيو بيٺو هو ۽ چئي رهيو هو.....
شابس ادا ٻڪر ... تون بي زبان جانور آهين، گاھ کائڻ وارو آهين، ٿورو پاون تي ته چڙهي ڏيکار ۽ سامهور رکيل صندلين تي چڙهڻ لڳو بلڪل اهڙي طرح جيئن گهٽيءَ ۾ ٻڪري جو تماشو ڏيکارڻ وارو ايندو آهي، هن جا ٻار بچا روئڻ لڳا پر هو لڳاتار ائين ڪندو رهيو... اڙي ٻڪر ڪوڙي تي خدا جي لعنت ٿورو انهن پاون تي چڙهي ڏيکار، اهو سموري طاقت جي ويڙھ آهي، طاقت جو پاڻ سان قبر ۾ نه کڻي ويندو هل هاڻي مٿي ٽيڪ، اڙي ٻڪر دل خراب نه ڪر، پرديسي جو ڪو وطن نه ٿيندو آهي ٿورو ڪمال ته ڏيکار ساڄي ڄنگھ کڻي سڀن کي سلام ڪر.
اچانڪ هو ڪري پيو ته وري اٿي ڪري ٻڪر ٿي بيٺو ۽ زنجير لوڏي صندلين تي چڙهڻ لڳو ، اهو زندگي ۽ موت جو سوال اٿئي ٻڪر.... ٿورو مٿو ٽيڪ، تون بي زبانو آهي، سوچ ۾ نه پئج نه ته پڇتائيندي. واھ ڙي واھ.
ماءُ ايتري تائين ٻڌائين زاروقطار روئڻ لڳي، ڇا توهان هن کي سمجهائڻ جي ڪوشش نه ڪئي. انچارج پڇيو. دوست محسوس ڪيو ته ماءُ جواب ڏيڻ جي قابل ناهي انڪري وراڻيو. ڏاڍو سمجهايو هو ايتري تائين جو مان هن ٻئي شهر به وٺي ويو هيس، ڪابه ٽرڪ ڪامياب نه ٿي سگهي مان هڪ ڏينهن زوري پٽو لاهڻ جي ڪوشش ڪئي مانس پر هو منهنجي هٿ کي مروٽو ڏيئي ٻاهر نڪري آيو، ڪڏهن ڀولڙو ٿي ته ڪڏهن وري ٻڪر ٿي پاڻ کي نچائڻ لڳو. ڇھ ڏينهن اڳ ۾ ته هي حدون ٽپي ويو وچ چوڪ تي بيهي پاڻ سان مخاطت ٿيو. واھ ڙي واھ ڪتا هل شروع ٿي وڃ ۽ تماشو ڏيکارڻ وارن جي ڪتي وانگر تڪڙ ۾ ڦرڻ لڳو. ٻارن ”پاگل پاگل“ ..... ”پاگل ڙي پاگل“ جا نعرا لڳايا ۽ هن کي پٿر به هنيائون.... اهو چئي دوست زور زور سان روئڻ لڳو.
هن ٻارن کي ڪجھ نه چيو؟
پٿر لڳڻ سان هن جو مٿو ڦاٽي پيو، رت وهڻ لڳس پر هو ٻارن کي دڙڪو ڏيڻ بدران پنهنجي جاءِ تي بيٺو رهيو ۽ اندر ۾ ڊنل پر ڀونڪندڙ ڪتي وانگر ڀونڪڻ لڳو ۽ دير تائين ڀونڪندو رهيو ايتري تائين جو هن وات مان گگ وهڻ لڳي ۽ هو بيهوش ٿي ڪري پيو. ماءُ جي روئڻ جو آواز اٿيو. دوست هن کي تسليح ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پر هوءَ چپ رهي نه سگهي چوڻ لڳي ڊاڪٽر صاحب منهنجي پٽ کي بچايو هاڻي ته هو هر وقت ٻڪر ۽ ٻولڙي وانگر نچندو رهندو آهي پر پنهنجي ٻارن کي پاڻ وانگر نچائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.
پاگل خاني جي انچارج ماءُ کي تسليح ڏيندي چيو ته توهان فڪر نه ڪيو وقت بذات خود پاڻ وڏي مرهم آهي الله ڪندو توهان جو پٽ جلد ٺيڪ ٿي ويندو. هاڻي توهان گهر وڃو، اسان ڀرپور ڪوشش ڪنداسين پر مان توهان جي گهر به اچي ويندس ۽ توهان جي نهن کان به معلومات وٺندس. اسان وٽ اڄ ڪالھ اهڙا ئي ڪيس اچي رهيا آهن. لڳي ٿو سمورو شهر پاگل پڻي جو شڪار ٿي رهيو آهي. اسان ڪارڻ معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون.
ماءُ پنهنجي پٽ کي ڇڏي وڃڻ تي راضي نه هئي پر دوست بي حال ماءُ کي سهارو ڏئي پاگل خاني مان ٻاهر وٺي آيو ۽ جڏهن هو ڀتين سان لڳي هلي رهيا هئا ته انهن ڏٺو ته تمام گهڻو پاگل دري سان لڳا بيٺا هئا. جڏهن هو ٻئي دري جي ويجهو پهتا ته پاگل ماڻهو انهن کي ڏسي نعرا هڻڻ لڳا،
”پاگل ڙي پاگل“ ماءُ نظرون کڻي مٿي ڏٺو، انهن پاگلن ۾ هن جو پٽ به هو ۽ پاگل خاني کان ٻاهر گهمندڙ ڦرندڙ ماڻهن کي ڏسي زور زور سان نعرا هڻي رهيو هو.
پاگل ڙي پاگل .... پاگل ڙي پاگل

ماءُ سس پس ڪندي چيو .... پٽ شهر جا ماڻهو چريا نه  آهن چر ڊنل آهن.