منصور حمزہ ھڪ شاعر ۽ جيوگرافر

Pages

Showing posts with label ڪالم. Show all posts
Showing posts with label ڪالم. Show all posts

انفرادي مفاد ۽ وڏا مقصد

اسان جي سنڌ ۾ جيهڙا ڏينهو ڏينهن وڌندا پيا وڃن، مذهبي انتهاپسندي، قبائلي تڪرار، لساني تڪرار، سياسي جهيڙا اڃا به ڪيترن ئي قسمن جا جهيڙا هوندا جن جا نالا مونکي ڪونه ٿا اچن. لڳاتار اهڙي قسم جي صورت حال کانپوءِ مون محسوس ڪيو آهي ته سوچ سمجھ وارن ماڻهن وٽ بيزاري وڌندي پئي وڃي، اهي ماڻهو جيڪي ڊگهي عرصي ذلالپ واري زندگي گهاري رهيا آهن اهي ٿڪجي چڪا آهن ۽ هاڻي ههڙي نظام مان جند ڇڏائڻ جي ڪوشش ۾ آهن يا جند ڇڏائڻ چاهين ٿا. اها ته پڪ آهي ته ڪرشمو ته ناهي ٿيڻو، نه ئي اسان وٽ اهڙو رهبر، ليڊر هجي جيڪو هن قوم جي نظام بدلائڻ جي ڳالهه ڪري يا تبديلي واري سفر ڏانهن وٺي هلي. اها به پڪ آهي ته دير يا سوير تبديلي اچڻي آهي ۽ جڏهن به تبديلي ايندي آهي ان ۾ خون خرابو، وڏا وڏا جهيڙا ٿيندا آهن، جهيڙي ڪرڻ بنا، جدوجهد ڪرڻ بنا تبديلي ناهي اچڻي. اسان هن وقت ان تبديلي واري عمل جي شروعاتي اسٽيج ۾ داخل ٿي چڪا آهيون اهو ماڻهن منجھ وڌندر تبديلي مان محسوس ڪري سگهجي ٿو. اهو منهنجو مشاهدو آهي، دوستن کي منهنجي ڳالھ تي اعتراض به ٿي سگهي ٿو ، ڇو ته هي لفظ منهنجي مشاهدي ڪرڻ جي صلاحيت موجب گڏ ٿيل معلومات ذريعي آيا آهن. هڪ ننڍڙي ڳالھ ڪندس ته ۽ خوشي جي ڳالھ آهي ته ڪمپيوٽر جي دنيا ۾ سنڌي ٻولي ترقي ڪري رهي آهي، ڪجھ ڏينهن اڳ جي ڳالھ ٿو ڪيان ته سنڌي اخبارن جون ويب سائيٽون ڏسي مان حيران رهجي ويس ته سنڌين کي پروگرامنگ ايتري  قدر اچي چڪي آهي جو ايتري جديد قسم جي ويب سائيٽ ٺاهي سگهن. سنڌ افيئرس، عوامي آواز جون ويب سائيٽون ڏسي وٺ. اجو مثال انڪري ڏنو اٿم ڇو ته ان شعبي ۾ ماڻهو انفرادي طور تي تمام سٺو ڪم ڪري رهيا آهن، ڪي او سي  آر تي ڪم پيا ڪن، ڪي وري موبائل تي سنڌي عام ڪرڻ لاءِ پيا جاکوڙن معنى ته ڪم ٿئي پيو جنهن جي نتيجي ۾ ايترو سٺو ڪم ٿيو آهي، ائين وري سجاڳي جي ڳالھ ڪجي ته سوشل ميڊيا تي تمام گهڻا ماڻهو آهن جيڪي ڪم ڪن پيا پنهنجا خيال عوام سان ونڊين پيا ۽ پاڻ به ان تي عمل ڪن، پر انفرادي طور تي. تعليم جي حوالي سان ڳالھ ڪجي ته هن جڳاڙي تعليمي نظام ۾ بيزاري نظر پئي اچي پڙهيل ڳڙهيل ۽ سجاگ استاد ۽ شاگرد طبقو باقاعدگي سان ڪم ڪري پيو، پر تمام ننڍي ليول تي، حيدرآباد، ڪراچي سميت ٻين ننڍن شهرن ۾ نوجوان اسٽڊي سرڪل ڪرائي پنهنجي وس آهر ڪم پيا، ورسٽين ۾ به تمام ٿوري مقدار ۾ اهڙا شاگرد آهن جيڪي تمام سٺو ڪم ڪن پيا. جتي اسان وٽ منفي پهلو آهن ته اهڙن شين تي نظر وجهڻ سان معاشري جا مثبت پهلو به نظر ايندا.  هن ايتري جائزي وٺن کانپوءِ ڳالھ ڪجھ نه ڪجھ سمجهي سگهجي ٿو ته ننڍي سطح تي ثابت قدمي نظر اچي پئي، هر شعبي ۾ ڪم ٿئي پيو ته پوءِ ڪمي ڪهڙي ڳالھ جي آهي، انهن ماڻهن جي حوصلا افزائي جي ڳالھ ڪجي ته حوصلا افزئي ڪرڻ وارن جو تعداد به گهٽ آهي مايوسي جي ڪري، موٽ نه ملڻ ڪري ڪم وارا پنهنجو ڪم اڻ پورو ڇڏي ڏيندا آهن، اهو زماني جو رواج آهي پر جيتري تائين الٽي ڌارا ۾ وهڻ جو حوصلو پيدا نه ڪبو سگھ نه هوندي ته اڳتي وڌڻ ڏاڍو مشڪل آهي ڇو ته اسان جو سماجو هڪ وڏ وهڪرو آهي، گمراهي جو وهڪرو آهي.

جيئن لطيف سائين چئي ٿو ته:

اک الٽي ڌار، ونءُ الٽو عام سين،
جي لهوارو لوڪ وهي، ته تون اوچو وھُ اڀار،
منجھان سوچ نهار، ونءُ پٺيرو پرينءَ ڏي.

اڃا به ڪنهن شيءِ جي کوٽ آهي جو ڪم اڳتي ڪونه پيو وڌي.  اسان وٽ اڪثر چيو ويندو آهي ته ”تاڙي به هڪ هٿ سان وڄندي آهي“ توهان کي ڳالھ سمجھ ۾ ايندي هوندي ته مان ڇا تو چوڻ چاهيان، جنهن اسان تاڙي وڄائيندا آهيون ته ٻنهي هٿين جي ترين کي پاڻ ۾ زور سان ٽڪرائيندا آهيون جنهن جي نتيجي ۾ آواز ٿيندو آهي. جيڪڏهن هڪ هٿ هلڪو لڳائبو ته آواز نه ٿيندو. يعني ٻنهي هٿن جي وچ ۾ شراڪت ۽ برابر زور جي ڪري تاڙي وڳي. رڳو هڪ هٿ سان يا هڪ هٿ کي هلڪو جهلڻ سان تاڙي ڪونه وڄندي ته ان مان منهنجي چوڻ جو مقصد اهو ته آهي اسان ڪم ڪرڻ وارا ماڻهو پاڻ شراڪت ڪيون، هڪ مقصد کي آڏو رکي پنهنجو پنهنجو ڪم ورهائي ڪيون. اسان وٽ اها ڳالھ بلڪل عام ته پنهنجي انفرادي مفاد خاطر ماڻهو ڪم ڪندا آهن، مان پاڻ به ان اهڙي قسم جي ذهينيت جو نشانو رهيو آهيان، يعني رڳو پنهنجي اڪيلي جي خوشي، رڳو نالي وڌائڻ خاطر پنهنجي سڳي ڀاءُ کي به ڪچ چٻاڙي ڇڏجي.  نه بلڪل نه! اسان کي ان سوچ مان نڪرڻو ئي پوندو ۽ اهو ممڪن آهي، اسان کي قومي مفاد خاطر پنهنجي مفادن کي قربان ڪرڻو پوندو، اسان وٽ گڏجي ڪم ڪرڻ وارو رواج نه آهي جنهن ڪري ايترن وڏن بحرانن جو شڪار ٿي پيا آهيون. آغا وقار جو مثال وٺو اڪيلي سر ڪم ڪندو رهيو جڏهن ان مقام تي پهتو، جڏهن ڪارنامور ڪري ڏيکاريائين ته اڻ سهپ جو شڪار ٿي ويو، سياستي گنڊاگردي جي ور چڙهي ويو. انڪري اسان کي قومي مفاد خاطر هڪ ٿيڻو پوندو ۽ هڪ مقصد، منزل تي رسڻ لاءِ پنهنجي پنهنجي ڀاڱي جو ڪم ڪرڻو پوندو. تاريخ گواھ رهي ته وڏا مقيد ماڻڻ لاءِ  وڏيون تڪليفون ڏسڻيون پون ٿيون ۽ وڏيون وڏيون قربانيون ڏيڻيون پون ٿيون.

ڇڄ ۾ قطاران، ساٿ چڙهندو لڪئين،
مڇڻ ٿيئن  پئان، وڳ واٽ  ئي نه ليهن.
(ڀٽائي)


ڌرتي جي ڏهاڙو 2013

 اڄ عالمي ڌرتيءَ ماءُ جو ڏينهن آهي، عالمي ڏهاڙا خاص پروگرام ۽ پيغام ٻڌائڻ، ورجائڻ لاءِ ملهايا ويندا آهن،ٻين ڏِڻَن، ڏينهنِ وانگي ڌرتيءَ جو ڏينهن به هڪ اهم ڏينهن آهي. آهي، ڌرتي ماءُ جي ڏينهن جو ملهائڻ مان مراد آهي ڌرتي سان پيار جو ڏينهن، ڌرتي جي سار سنڀار جو ڏينهن، اها ڌرتي جنهن تي اسين رهون ٿا جتي اسان جو  سڀ ڪجھ آهي ان ڌرتي جي باري ۾ سوچڻ جو ڏينهن آهي. هن ڏينهن تي دنيا جي 192 ملڪن مان هڪ ارب ماڻهو اڄوڪي ڏينهن تي ڌرتي ماءُ جي حوالي ٿيندڙ تقريبن، سيمينارن ۽ ڪانفرنسن ۾ شريڪ ٿيندا آهن. گيلارڊ نيلسن هڪ آمريڪي سياستدان هو جيڪو 60ع، 70ع واري عرصي ۾ پنهنجي عروج تي هو، ان دور ۾ ماحولياتي منصوبادي نه هجڻ جي برابر هئي، 1962ع ۾ گيلارڊ نيلسن سينيٽ ۾ چونڊجي ويو، هو ماحولياتي معاملن جي حوالي سان ڏاڍو پرجوش ماڻهو هو انڪري سينيٽ ۾ اچڻ سان ئي ماحول جي بچاءَ لاءِ جدوجهد شروع ڪري ڏنائين ۽ کيس رستي جون رڪاوٽون هن جي جدوجهد کي روڪي نه سگهيون. هن عوام کي ماحول جي خاص طور تي ڌيان رکڻ لاءِ چيو ۽ 22 اپريل تي هن عوام کي عالمي طور تي ڌرتي ماءُ جو ڏينهن ملهائڻ جي اپيل ڪئي. پهرين ڌرتي ماءُ جي ڏينهن تي ٻين سياستدانن سميت 20 آمريڪي لک هن کي ماڻهن ٺاهوڪي موٽ ڏني. جنهن کانپوءِ هر سال 22 اپريل تي سموري دنيا ۾ ڌرتي ماءُ جي ڏينهن طور ملهايو ويندو آهي.گيلارڊ نيلسن کان اڳ ۾ آمريڪا جي هڪ سماجي ڪارڪن جان مڪونيل John McConnel يونيسڪو پاران ماحول جي حوالي سان ڪانفرينس ۾ تجويز پيش ڪئي هئي جنهن ۾ هن چيو ته 21 مارچ تي سموري دنيا ۾ هر سال ڌرتي جو ڏينهن ملهايو وڃي ۽ هن ملڪ هن ڏينهن تي سرڪار موڪل ڪئي وڃي. مڪونيل جو خيال هيو ته 21 مارچ تي رات ۽ ڏينهن جو دورانيو هڪ جيترو ٿيندو انڪري هن ڏينهن تي دنيا هر هنڌ ماڻهن کي سمورا فرق دور ڪري گڏ ٿيڻ گهرجي. 21 مارچ کان ڌرتي جي مٿين اڌ گول يعني اتر اڌ گول ۾ بهار جي مند شروع ٿيندي آهي ۽ هيٺين اڌ گول يعني ڏکڻ اڌ گول ۾ سرءُ جي منڊ شروع ٿيندي آهي. گذريل ڪجھ سالن ۾ ڌرتي ماءُ جي ڏينهن جي حوالي سان دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ماحول جي بچاءَ ۽ ڌرتي کي سرسبز آباد ڪرڻ لاءِ تحريڪون هلي چڪيون آهن. ڪيترن ئي ملڪن ۾ ماحول جي بچاءَ لاءِ منصوبابندي ڪئي پئي وڃي ۽ نوان نوان قانون پيا ٺاهيان وڃن. ڪيترن ئي آفيسن ۾ ڪاعذ جي بدران آن لائين، انٽرنيٽ جي استعمال تي زور پيو ڏنو وڃي. سفر ڪرڻ لاءِ پهنجي ذاتي گاڏي جي بدران لوڪل سواري کي ترجيح پئي ڏني وڃي  ته جيئن ايندڙ نسلن لاءِ آساني پيدا ٿي سگهي. جيڪڏهن ماضي جي جهلڪين تي نظر وجهنداسين ته  پندرهين صدي تائين سڀ ڪجھ ٺيڪ هيو، سورهين صدي عيسوي کان وٺي سائنسي انقلاب آيو ۽ وري ان سائنسي انقلاب دوران ارڙهين ۽ اڻويهين صديءَ ۾ وري صنعتي انقلاب آيو جنهن دوران خاص طور تي يورپ تمام گھڻي ترقي ڪئي. ناروي جي هڪ سينئر محقق سُر ڪاسا (Sjur Kasa) پنهنجي مقالي ”صنعتي انقلاب ۽ ماحولاتي مسئلا(Industrial Revolutions and Environmental Problems)“   ۾ بيان ڪري ٿو ته يورپ صنعتڪاري جي چئن دورن مان گذريو آهي ۽ پنجين دور ۾ داخل ٿي رهيو آهي. 1780ع ۾ صنعتن ۽ ڪارخانن ۾ مشيني نظام متعارف ڪرايو ويو جنهن ۾ ڪوئلي، پاڻي، لوھ ۽ ڪپھ  جو تمام گهڻو استعمال ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ غربت، بک ۽ بدحالي کي ڪنهن حد تائين قابو ڪيو ويو پر ماحولياتي ۽ سماجي مسئلا پيدا ٿيڻ لڳا، ماحول ۾ دونهين جو مقدار وڌڻ لڳو اهڙيءَ طرح وري 1848ع ۾ صنعتن ۾ ٻاڦ تي هلندڙ مشينون متعارف ڪرايون ويون ۽ ٽرانسپورٽ جو نظام آيو، اڌ صدي تائين ڪا خاص تبديلي نه ڪئي وئي، پر دونهاٽيل ماحول ۾ دوهين جو مقدار وڌندو رهيو گڏوگڏ سماجي ۽ ماحولياتي مسئلا پڻ وڌندا رهيا. 1895ع ۾ صنعتن ۽ شهرن ۾ گهر گهر بجلي پهچڻ لڳي، اسٽيل، ڪاپر سميت ٻين ڌاتن جو استعمال ٿيڻ لڳو ۽ ڪيميائي ماده پڻ استعمال ۾ اچڻ لڳا. ان وقت ۾ به بجلي جي نظام ۾ بنيادي وسيلو ڪوئلو هو، ان دوران شهر وڌڻ لڳا ۽ ڪارخانن مان نڪرندڙ زهريلو پاڻي ، مٺي پاڻي ۾ آلودگي پيدا ڪرڻ لڳو. 1940ع کان وٺي ٽرانسپورٽ  کي موٽرائيز ڪيو ويو، اهو ٻي عالمي جنگ وارو دور هيو، جڏهن ڊيزل انجڻ، ٽرڪيٽر، گاڏيون، ٽينڪ ۽ ٻيون رفائنريون وجود ۾ آيون، آمريڪا جي جاپان تي ائٽمي حملي نيوڪليئر اوزارن جو پهريون ڀيرو استعمال ڪيو، جنهن ڪري اوزون تھ تي تمام خراب اثر پيو، آبهوا آبهوا ۾ ڪاربان سميت ٻيا زهريلا ڪيميائي مادا وي ويا،  تيزابي مينهن وسڻ لڳا ۽ آبهوا ۾ خطرناڪ حد تائين تبديلي اچي آئي. 1973ع کان هيل تائين دنيا مڪمل طور ڪمپيوٽرائيز ٿي وئي آهي، سموريون صنعتون، ڪارخانا، آفيسون۽ ٽرانسپورٽ جو سمورو نظام ڪمپيٽرائيز ٿي چڪو آهي. يعني اسان جديدت جو حدون اورانگهي ان کان بعد واري دور ۾ هلي رهيا آهيون.  جنهن ۾ هر شيءِ جي صورت تبديلي ٿي چڪي آهي.گذريل ٻن صدين دوران دنيا جيتري ترقي ڪئي آهي ته ان کان به وڌيڪ ماحول ۽ ڌرتي جي ايڪو سسٽم(اهڙو ماحولياتي سرشتو جنهن ۾ جاندار شيون هڪ ٻئي تي اثراندز ٿين ان کي ايڪو سسٽم Ecosystem چئبو آهي) کي نقصان پهتو آهي. 2004ع ۾ آيل سونامي، 2005ع ۾ ڪشمير ۾ آيل زلزلو، 2010ع  ۽ 2011ع ۾ سنڌ ۽ بلوچستان سان ٽڪرائجندڙ سامونڊي طوفان، 2010ع  ۾ سنڌ سميت پوري پاڪستان ۾ آيل دريائي ٻوڏ، 2011ع ۽ 2012ع ۾ سنڌ ۾ آيل برساتي ٻوڏ.  انٽارڪٽيڪا، آرڪٽيڪ جا پگهرجندڙ گليشر جنهن جي ڪري سمنڊ جي سطح ۾ بلندي اچي رهي آهي ۽ سنڌ جي ساحلي پٽي تي سمنڊ هر روز ايڪڙ زمين ڳڙڪائي رهيو آهي مٿين واقعن جي انگن اکرن ۽ سببن تي نظر رکي اسان ڄاڻي سگهنداسين ته انساني سرگرميون ڌرتي جي گولي کي ڪيتري حد تائين متاثر ڪري رهيون آهن، وڏا زلزلا ته کڻي زمين جي تعميري پڙڻ  جي چرپر جي ڪري ايندا آهن پر هر روز ڪيترائي ننڍي مقدار جا هٿرادو، انساني سرگرمين جي ڪري پيدا ٿيندڙ زلزلا محسوس ڪيان ويندا آهي جنهن کي انگريزي ۾  (Induced Seismicity)چئبو آهي ، اهڙا مثنوعي زلزلا انهن جڳهين تي محسوس ڪيا ويندا آهن جتي تيل ۽ گئس ۽ ٻيا معدني وسيلا حاصل ڪرڻ لاءِ کوٽائي ڪئي ويندي آهي اهڙي طرح ٻيلن جي واڍي، ڪارخانن ۽ مِلن جي چمنين مان نڪرندڙ دونهين سموري آبهوا کي گدلو ڪري ڇڏيو آهي. اڄ جيئن ته ڌرتي ماءُ جي ڏينهن آهي ۽ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ان ڏينهن جي حوالي سان ڪيتريون ئي تقريون منعقد ٿي رهيون هونديون ته اسان وٽ به وڏن شهرن جي پريس ڪلبن آڏو وڏا وڏا ماڻهو گڏجي ماحولياتي آلودگي خلاف اظهار يڪجهتي جو مظاهرو ڪندا ۽ ڌرتيءَ سان محبت جو اظهار پڻ ڪندا. ڪراچي، اسلام آباد جهڙن شهرن ۾ ڪانفرنسون، سيمنار ڪوٺايا ويندا جتي گذريل هڪ سال دوران ٿيل ترقي ۽ لاهن، چاڙهن تي نظر وڌي ويندي ۽ اسميبلين ۾ نوان قانون پاس ٿيندا. تازو باراڪ اوباما ٻيون ڀيرو آمريڪا جو صدر چونڊجڻ کانپوءِ هڪ تقرير ۾ چيو هو ته ” آبهوا جي تبديلي اقتصادي، ماحولياتي ۽ سلامتي لاءِ وڏو خطرو آهي ۽ ان کان بچڻ لاءِ سخت قدم کنيا ويندا.“   اوباما کي اهو احساس تڏهن ٿيو، جڏهن سينڊي طوفان ۾ سمونڊ جي ساحلي پٽي وارن شهرن ۾ سمونڊ جو پاڻي ڪاهي پيو تڏهن اوباما جو خيال ماحولياتي تبديلي ڏانهن ويو. گذريل ٽن سالن ۾ سنڌ ۾ لڳاتار ٽي ڀيرا ٻوڏ آئي 2010ع واري مها ٻوڏ سنڌ جي انفرا اسٽرڪچر کي بلڪل تباھ ڪري ڇڏيو، 2011ع ۽ 2012ع ۾ جيڪي علائقا 2010ع واري ٻوڏ کان بچيل رهيا اُهي برساتي ٻوڏ جي لپيٽ ۾ آيا ۽ سنڌ جي زراعت مڪمل طور تباھي جو شڪار ٿي وئي. جيڪب آباد، سکر، نواب شاھ وارن علائقن ۾ اونهاري ۾ گرمي پد  50 ڊگري کان مٿي رهي، اهو سڀ ڪجھ ماحولياتي تبديلي جو نتيجو آَهي.هاڻي جيڪڏهن درست منصوبابندي ۽ ماڻهن منجھ ماحول ۽ آبهوا جي تبديل ٿيڻ جي حوالي سان سڄاڳي پيدا نه ڪئي وئي ته اها صورت حال اڃا به وڌيڪ خراب ٿي سگهي ٿي. ڏڪار، رڃ ۾ واڌارو، پاڻي جي کوٽ، خوراڪ جي کوٽ ۽ زمين تان جاندارن جي ڪيترن ئي نسلن جو خاتمو ان ڳالھ جو ثبوت آهن انڪري ماحولياتي تبديلي خلاف عملي قدم کنيا وڃن ته جيئن ڌرتي ماءُ جو ڏهاڙو ملهائڻ وارو مقصد پورو ٿي سگهي. 

ڪاوش هائيڊ پارڪ 22 اپريل 2013

ڏات روئي پئي...!

اهي قومون خوش نصيب هونديون آهن جن وٽ تخلقيڪار ۽ ڪلاڪار گهڻا هوندا آهن پر رڳو اهي قومون ئي سوڀاريون ٿي سگهنديونآهن جيڪي انهن تخلقيڪارن ۽ ڪلاڪارن جو قدر ڪنديون آهن ۽ انهن جي اهميت کي سمجهي سگهنديون آهن.  سنڌي قوم به انهن خوش نصيب قومن منجهان آهي جنهن وٽ تخيقڪار ۽ ڪلاڪار جھجھي مقدار ۾ موجود آهن. خلقيندڙ انسان کي تخليق ڪري پنهنجي عظمت ۽ پنهنجي ڪلا جو بهترين نمونو پيش ڪيو آهي. هو جيئن ته اسان کي پنهنجي رڳن کان ويجهو آهي انڪري ان پالڻهار جهڙيون تخليقي صلاحيتون انسان ۾ پڻ آهن. انسان به هڪ ڪلاڪار آهي جيڪو هميشه ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ ڪجھ نه ڪجھ تخليق ڪندو رهي ٿو توڙي اهو ظاهري هجي يا خيالي. هڪ تخليقڪار پنهنجي اندر جي آنڌ مانڌ، صورت حال کي ظاهر ڪرڻ لاءِ پنهنجي ڪلا جو سهارو وٺندو آهي ۽ هر ڀيري نوان خيال جوڙي پنهنجو پاڻ کي به حيران ڪري ڇڏيندو آهي. جيئن خلقيندڙ کي پنهنجي هر تخليق پياري آهي اهڙي طرح انسان کي به پنهنجي تخليق پياري آهي، هڪ تخليقڪار لاءِ هن جو تخليق ڪيل مواد هن جي اولاد مثل هوندو آهي ۽ هو ان سان بيحد محبت ڪري ٿو.
افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته سنڌي قوم پنهنجي ڪلاڪارن جو قدر نه پئي ڪري. ڪجھ ڏينهن اڳ ڄامشوري ڦاٽڪ وٽان پنهنجي رهائش گاھ طرف ويندي واٽ تي مين بازار وٽ منهنجي ملاقات مشهور مصور ساقي عالم ابڙو سان ٿي، مان هن سان ملي خوش به ٿيس ۽ حد کان وڌيڪ غمزده به ٿيس، هن جي حالت ڏسي مونکي ڏاڍو رحم آيو، بازار جي سامهو بس اسٽاپ جي ڀرسان حيدرآباد برياني نالي ننڍڙو دڪان آهي، مان ساقي عالم کي اتي وٺي پکي هيٺان ڪرسي تي وهاريون، هن سان پنهنجو تعارف ڪرايم ۽ هن کان به حال احوال ورتم پل کن لاءِ هو خاموش رهيو پر وري پنهنجي ننڍڙي بيگ مان مارڪر پين ڪڍيائين مون سان گڏ منهنجو ڪلاس فيلو به هو، ساقي ان کان نوٽ بڪ ورتو ۽ ان تي هن جي تصوير ٺاهيائين. مان اسڪيچ ڏسي حيران رهجي ويس. ساقي لاءِ مشهور آهي ته هو اڪثر رستن تي رلندو وتندو آهي ۽ هر روز نئين قسم جي پوشاڪ پائيندو آهي، ان ڏينهن به هن کي عربن اسٽائل جي پوشاڪ پهريل هئي. مان جڏهن هن کان پڇيو ته ههڙي قسم جي پوشاڪ ڇو پهري اٿو؟ چيائين اڄ جمعي جو ڏينهن آهي انڪري نماز پڙهندس. هن کان جڏهن هن جي ڏٻري حال جو ڪارڻ معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪيم ته هن جي نيڻن جا بند ٽٽي پيا ۽ هو روئڻ لڳو، کن پل جي خاموشي کان پوءِ هو وري پنهنجي ننڍڙي بيگ ۾ ڪجھ ڳولڻ لڳو. ها اها سندس  پٽ جي تصوير هئي، ڪنهن شخص کان معلوم ٿيو ته هن جو هڪ پٽ هو سوڀارو جيڪو ڪنهن روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويو جنهن کان پوءِ هي پنهنجو ذهني توازن وڃائي ويٺو آهي. مان اڪثر ڪري اکين سان ناهيان روئندو پر ان ڏينهن ساقي عالم ابڙو جي حالت ڏسي ۾ منهنجو سمورو وجود لڏي ويو. هي رولاڪ شخص جيڪو زماني لاءِ ته ذهني مريض آهي پر اندروني طرح سان هي شخص دردن جو درياھ آهي، اهو دردن جو درياھ جيڪو هميشه ڀرپور وهي ٿو ۽ بند ٽوڙيندو رهي ٿو. ساقي عالم جي اها ان صورت حال کي شيخ اياز جي هيٺين بند مان پروڙي سگهجي ٿو.
اڄ ڀي ڏات مصور جي،
رت ۾ ٻوڙي کائي نان.
(شيخ اياز)

هن وڃڻ کان اڳ ۾ منهنجي نوٽ به تي هڪڙو نظم لکيو هو، هن چيو ته اهو نظم ڪنهن اخبار يا رسالي ۾ ڇاپرائجو، مون اهو نظم هيٺ پڙهندڙن جي خدمت ۾ رکيو آهي جيڪو مون پڙهندڙ جي امانت سمجهي پاڻ وٽ محفوظ رکيو.

مان سنڌو آهيان،
مهران جي موج آهيان،
سنڌ جي ڪنهن ڪاموري،
منهنجي ڪکن کي بند ٻڌي،
منهنجو پاڻي بند ڪري ڇڏيو آهي،
منهنجو پٽ درياءُ شاھ،
ڪنهن بيمار ٻيار جيان،
سڪي ويو آهي،
مان سنڌو آهيان،
ڪارونجهر جي ڪور آهيان،
رڇ ڦاٽي پيا،
درياءُ شاھ سڪي ويو،
مان مهراڻ جي موج آهيان،
مان موهن جي دڙي جو ماڻهو آهيان،

(ساقي عالم ابڙو)

ساقي عالم سان ملاقات ڪرڻ کانپوءِ پورا ٽي ڏينهن مان چڱيءَ طرح آرام نه ڪري سگهيس، سوچيندو رهيس ته آخر اسان جي قوم ڪهڙي وقت جي انتظار ۾ آهي ۽ اهو وقت الائجي ڪڏهن ايندو جڏهن اسان جي قوم جي خوبصورت ڪلاڪارن کي مڃتا ملندي ۽ انهن کي قومي اثاثو سمجهيو ويندو. الائجي اهو وقت ڪڏهن ايندو جڏهن اسان جي سنڌي ڪلاڪارن کي عالمي سطح تي متعارف ڪرائڻ لاءِ جاکوڙ ڪئي ويندي. افسوس ته اسان جي سنڌ هر طرح سان بحرانن جو شڪار آهي ۽ ان سنڌ جو وڏي ۾ وڏو الميو اهو ته اڄ مصور جي ڏات روئي پئي! تح ته

منصور ميراڻي

جدوجهد ۽ منزل ماڻڻ جو فلسفو

 تڪليف، سور، ڏک، ڏولاوا انسان جي زندگيءَ ۾ تمام اهم ڪردار ادا ڪن ٿا، ڏک سور انسان منجھ سهپ ۽ صبر جي مادي کي وڌائيندا آهن. تڪليف پوءِ اها ڪهڙي به هجي، ذهني، جسماني توڙي روحاني تڪليف هجي، هر قسم جي تڪليف پنهنجو پنهنجو فائدو رسائيندي آهي.  اسان مان ڪيترائي اهڙا ماڻهو آهن جيڪي تڪيلف ڏسڻ کان ڪيٻائيندا آهن ۽ تڪليف کان پاسيرو رهندا ۽ ڏک سور جي زندگي کان پري رهڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، جنهن مان کين اهڙو نقصان رسندو آهي، جنهن جي کين سڌ ڪين هوندي آهي.  زندگيءَ جا آرام، آرائشون بنا تڪليفون ڪاٽڻ هرگز نه ملندا آهن. ان لاءِ ڀٽ ڌڻي جو ارشاد آهي:
                               “ ڪَرِ مَ سَڌَ سَري جِي، جي تُون ٽارِين ٽُوه،”
مقصد ته جيڪڏهن ڪو شخص تڪليف برداشت ڪرڻ کان عار ٿو ڪري، جستجو کان پاسو ٿو ڪري، اهو آرام آسائش ۽ ڪنهن  به قسم جي آساني جي گهر نه ڪري. ڇو ته هر انعام لاءِ ڪا نه ڪا قيمت ادا ڪرڻي پوندي آهي ۽ سک به ڏکن جي بدلي ئي ملندا آهن.
انساني شعور جو سفر جيڪو هن وقت به جاري آهي ۽ اڳتي به جاري رهندو آهي ان جي ارتقا جي پٺيان سورن ۽ سختين جو وڏو حصو. تڪليفن ۽ ضرورتن انسان کي سوچڻ تي مجبور ڪيو جنهن سان هن زماني جي ارتقا ٿي آهي. چوندا آهن ته ضرورت ايجاد جي ماءُ آهي پر جيڪڏهن ائين چئجي ته تڪليف ايجاد جي ماءُ آهي ته تڏهن به غلط ڪين ٿيندو. هي وري تڪيلف جو ٻيو پاسو آهي.
تڪليف جستجو به آهي، جستجو جي ختم ٿيڻ سان زندگي بي مقصد ٿي پوندي آهي، بلڪل اهڙي جهڙي رٽائرڊ سرڪاري ڪاموري جي. رشتا ۽ محبتون به تڪليف کان خالي ڪين آهن. محبت ۾ محبوب جي خوشيءَ لاءِ ماڻهو ڪيتريون ئي قربانيون ڏئي ٿو. جي محبوب رسي وڃي ته ڪس ڪسر کائي، پاڻ کي نقصان رسائي، پيڙا مان گذري محبوب کي پرچائي ٿو.  پوءِ جتي “اسان عبادت، نظر ناز پرين جو.” اتي جدائي جي تڪليف به ڪا قيامت کان گهٽ نه هوندي آهي. جي حب ڌرتي سان هجيس ته سر جو سانگو لاهي ويهي رهي، پر جي سر پيارو اٿس پوءِ عاشق نه سڏائي ڇو ته عشق چوي ٿو. “اصل عاشقن جو سر نه سانڍڻ ڪم.”
تڪليف، محبت ۽ منزل جو پاڻ ۾ وڏو گهرو تعلق آهي، منزل ماڻڻ لاءِ محبت جو هجڻ لازمي آهي ۽ محبت ۾ سور ئي سور هوندا آهن. مان وري به چوندس ته اهي انسان جيڪي پنهنجي پنهنجين منزلن تائين رسيا آهن، انهن وڏي جدوجهد ڪئي ۽ ڪي ئي تڪليفون ڪاٽيون آهن، جنهن کانپوءِ کين چڪو چکڻ ڪاڻ مليو. جيڪڏهن سائنسدان پنهنجين خوشين تي ڌاڙو نه هڻن ها، بند لائبريرين ۽ ليبارٽرين ۾ ڏينهن رات نه جهاڳين ها ته شايد دنيا ۾  هيڏي وڏي جدت نه اچي ها.سنڌ جي سائين شاھ عبداللطيف ڀٽائي پنهنجي ڪلام ۾ سور کي سڀ کان وڌيڪ اهميت ڏني آهي  جيڪو هيٺ ڏنل بيت مان ظاهر آهي
.
“سور جنين کي سريو، سري تن صحت،
مــٺــي مــصــيــبــت، آهــي عـاشــقــن کــــي.”
هڪ انسان هجي يا کڻي هڪ قوم هجي ان کي ڪنهن مقام يا منزل تي پهچڻ لاٰءِ وڏي جهدوجهد ڪرڻي پوي ٿي ۽ ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. دنيا ۾ ڪيتريون ئي اهڙيون قومون آهن، جيڪي نيست نابود ٿي وڃڻ باوجود به اهڙيون اسريون جو اڄ  عالمي طاقتون آهن. جاپاني قوم به انهن منجهان هڪ مثال آهي ۽ اڄ به ڪيتريون ئي پوئتي پيل قومون هن هيڏي عالم ۾ ڪو مقام حاصل ڪرڻ لاءِ جاکوڙي رهيون آهن ۽ منزل رسان ٿيڻ لاءِ ڪيتريون ئي قربانيون ڏيئي چڪيون آهن. سنڌي قوم به انهن منجهان هڪ آهي. دنيا جون اهي قومون جن کي بنا ملڪ واريون قومون چيو ويندو آهي انهن مان سنڌ به هڪ آهي. سنڌ جي قومي تحريڪ جنهن جو مقصد سنڌ جي آزادي آهي، ڪيتريون ئي قربانيون ڏيئي چڪي آهي ۽ جيسين منزل نه ٿي ملي ايتري تائين قربانيون ڏيڻيون پونديون ۽ اها ڳالھ هڪ قوم لاءِ وڏي تڪليف آهي ۽ جيڪا به قوم پنهنجي سجاڳي ۽ اوسر جي دور مان گذرندي آهي، ان کي اهڙيون ڪيتريون ئي تڪليفون ڏسڻيون پونديون آهن.
 پنهنجي قوم سان ۽ ڌرتي سان محبت ڪندڙ پنهنجي سر جي پرواھ نه ڪندا آهن ۽ پنهنجي قوم ۽ ڌرتي ماءُ جي خاطر سوين تڪليفون سهندا ۽ ان کي ڪنهن منزل تي پهچائڻ لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏيندا آهن، اهي امر ٿيندا ۽ اعليٰ مقام تي پهچندا آهن. تڪليف محبت ۽ منزل جو موضوع تمام ڊگهو ۽ معنيٰ خيز آهي، ان موضوع کي سمجهڻ  معنيٰ زندگي کي سمجهڻ آهي. دنيا جي هر رنگ ۾ تڪليف، محبت ۽ منزل جو تصور آهي.

پر هن وقت مون لاءِ  ۽ سنڌ جي هر هڪ نوجوان، هر هڪ سجاڳ ماڻهوءَ لاءِ  تڪليف ، محبت ۽ منزل جو تصور فقط سنڌ، سنڌي قوم ۽ انسانيت لاءِ آهي، يعني اسان سنڌي ، سنڌي قوم جا فرد پنهنجي قوم کي اعليٰ مقام تي پهچائڻ لاءِ دل و جان سان محنت ڪيون ۽ تڪليفون ڪاٽيون ته جيئن اسان جي ايندڙ نسلن لاءِ آساني پيدا ٿي سگهي. شاھ عبداللطيف ڀٽائي جنهن امن ، پيار ۽ محبت جو پيغام ڏنو ان جي پيغام جو مطالعو ڪيون ۽ ان جي فلسفي کي پوري انسان ذات تائين پهچايون.