اسان جي سنڌ ۾ جيهڙا ڏينهو ڏينهن وڌندا پيا وڃن، مذهبي انتهاپسندي، قبائلي تڪرار، لساني تڪرار، سياسي جهيڙا اڃا به ڪيترن ئي قسمن جا جهيڙا هوندا جن جا نالا مونکي ڪونه ٿا اچن. لڳاتار اهڙي قسم جي صورت حال کانپوءِ مون محسوس ڪيو آهي ته سوچ سمجھ وارن ماڻهن وٽ بيزاري وڌندي پئي وڃي، اهي ماڻهو جيڪي ڊگهي عرصي ذلالپ واري زندگي گهاري رهيا آهن اهي ٿڪجي چڪا آهن ۽ هاڻي ههڙي نظام مان جند ڇڏائڻ جي ڪوشش ۾ آهن يا جند ڇڏائڻ چاهين ٿا. اها ته پڪ آهي ته ڪرشمو ته ناهي ٿيڻو، نه ئي اسان وٽ اهڙو رهبر، ليڊر هجي جيڪو هن قوم جي نظام بدلائڻ جي ڳالهه ڪري يا تبديلي واري سفر ڏانهن وٺي هلي. اها به پڪ آهي ته دير يا سوير تبديلي اچڻي آهي ۽ جڏهن به تبديلي ايندي آهي ان ۾ خون خرابو، وڏا وڏا جهيڙا ٿيندا آهن، جهيڙي ڪرڻ بنا، جدوجهد ڪرڻ بنا تبديلي ناهي اچڻي. اسان هن وقت ان تبديلي واري عمل جي شروعاتي اسٽيج ۾ داخل ٿي چڪا آهيون اهو ماڻهن منجھ وڌندر تبديلي مان محسوس ڪري سگهجي ٿو. اهو منهنجو مشاهدو آهي، دوستن کي منهنجي ڳالھ تي اعتراض به ٿي سگهي ٿو ، ڇو ته هي لفظ منهنجي مشاهدي ڪرڻ جي صلاحيت موجب گڏ ٿيل معلومات ذريعي آيا آهن. هڪ ننڍڙي ڳالھ ڪندس ته ۽ خوشي جي ڳالھ آهي ته ڪمپيوٽر جي دنيا ۾ سنڌي ٻولي ترقي ڪري رهي آهي، ڪجھ ڏينهن اڳ جي ڳالھ ٿو ڪيان ته سنڌي اخبارن جون ويب سائيٽون ڏسي مان حيران رهجي ويس ته سنڌين کي پروگرامنگ ايتري قدر اچي چڪي آهي جو ايتري جديد قسم جي ويب سائيٽ ٺاهي سگهن. سنڌ افيئرس، عوامي آواز جون ويب سائيٽون ڏسي وٺ. اجو مثال انڪري ڏنو اٿم ڇو ته ان شعبي ۾ ماڻهو انفرادي طور تي تمام سٺو ڪم ڪري رهيا آهن، ڪي او سي آر تي ڪم پيا ڪن، ڪي وري موبائل تي سنڌي عام ڪرڻ لاءِ پيا جاکوڙن معنى ته ڪم ٿئي پيو جنهن جي نتيجي ۾ ايترو سٺو ڪم ٿيو آهي، ائين وري سجاڳي جي ڳالھ ڪجي ته سوشل ميڊيا تي تمام گهڻا ماڻهو آهن جيڪي ڪم ڪن پيا پنهنجا خيال عوام سان ونڊين پيا ۽ پاڻ به ان تي عمل ڪن، پر انفرادي طور تي. تعليم جي حوالي سان ڳالھ ڪجي ته هن جڳاڙي تعليمي نظام ۾ بيزاري نظر پئي اچي پڙهيل ڳڙهيل ۽ سجاگ استاد ۽ شاگرد طبقو باقاعدگي سان ڪم ڪري پيو، پر تمام ننڍي ليول تي، حيدرآباد، ڪراچي سميت ٻين ننڍن شهرن ۾ نوجوان اسٽڊي سرڪل ڪرائي پنهنجي وس آهر ڪم پيا، ورسٽين ۾ به تمام ٿوري مقدار ۾ اهڙا شاگرد آهن جيڪي تمام سٺو ڪم ڪن پيا. جتي اسان وٽ منفي پهلو آهن ته اهڙن شين تي نظر وجهڻ سان معاشري جا مثبت پهلو به نظر ايندا. هن ايتري جائزي وٺن کانپوءِ ڳالھ ڪجھ نه ڪجھ سمجهي سگهجي ٿو ته ننڍي سطح تي ثابت قدمي نظر اچي پئي، هر شعبي ۾ ڪم ٿئي پيو ته پوءِ ڪمي ڪهڙي ڳالھ جي آهي، انهن ماڻهن جي حوصلا افزائي جي ڳالھ ڪجي ته حوصلا افزئي ڪرڻ وارن جو تعداد به گهٽ آهي مايوسي جي ڪري، موٽ نه ملڻ ڪري ڪم وارا پنهنجو ڪم اڻ پورو ڇڏي ڏيندا آهن، اهو زماني جو رواج آهي پر جيتري تائين الٽي ڌارا ۾ وهڻ جو حوصلو پيدا نه ڪبو سگھ نه هوندي ته اڳتي وڌڻ ڏاڍو مشڪل آهي ڇو ته اسان جو سماجو هڪ وڏ وهڪرو آهي، گمراهي جو وهڪرو آهي.
جيئن لطيف سائين چئي ٿو ته:
اک الٽي ڌار، ونءُ الٽو عام سين،
جي لهوارو لوڪ وهي، ته تون اوچو وھُ اڀار،
منجھان سوچ نهار، ونءُ پٺيرو پرينءَ ڏي.
اڃا به ڪنهن شيءِ جي کوٽ آهي جو ڪم اڳتي ڪونه پيو وڌي. اسان وٽ اڪثر چيو ويندو آهي ته ”تاڙي به هڪ هٿ سان وڄندي آهي“ توهان کي ڳالھ سمجھ ۾ ايندي هوندي ته مان ڇا تو چوڻ چاهيان، جنهن اسان تاڙي وڄائيندا آهيون ته ٻنهي هٿين جي ترين کي پاڻ ۾ زور سان ٽڪرائيندا آهيون جنهن جي نتيجي ۾ آواز ٿيندو آهي. جيڪڏهن هڪ هٿ هلڪو لڳائبو ته آواز نه ٿيندو. يعني ٻنهي هٿن جي وچ ۾ شراڪت ۽ برابر زور جي ڪري تاڙي وڳي. رڳو هڪ هٿ سان يا هڪ هٿ کي هلڪو جهلڻ سان تاڙي ڪونه وڄندي ته ان مان منهنجي چوڻ جو مقصد اهو ته آهي اسان ڪم ڪرڻ وارا ماڻهو پاڻ شراڪت ڪيون، هڪ مقصد کي آڏو رکي پنهنجو پنهنجو ڪم ورهائي ڪيون. اسان وٽ اها ڳالھ بلڪل عام ته پنهنجي انفرادي مفاد خاطر ماڻهو ڪم ڪندا آهن، مان پاڻ به ان اهڙي قسم جي ذهينيت جو نشانو رهيو آهيان، يعني رڳو پنهنجي اڪيلي جي خوشي، رڳو نالي وڌائڻ خاطر پنهنجي سڳي ڀاءُ کي به ڪچ چٻاڙي ڇڏجي. نه بلڪل نه! اسان کي ان سوچ مان نڪرڻو ئي پوندو ۽ اهو ممڪن آهي، اسان کي قومي مفاد خاطر پنهنجي مفادن کي قربان ڪرڻو پوندو، اسان وٽ گڏجي ڪم ڪرڻ وارو رواج نه آهي جنهن ڪري ايترن وڏن بحرانن جو شڪار ٿي پيا آهيون. آغا وقار جو مثال وٺو اڪيلي سر ڪم ڪندو رهيو جڏهن ان مقام تي پهتو، جڏهن ڪارنامور ڪري ڏيکاريائين ته اڻ سهپ جو شڪار ٿي ويو، سياستي گنڊاگردي جي ور چڙهي ويو. انڪري اسان کي قومي مفاد خاطر هڪ ٿيڻو پوندو ۽ هڪ مقصد، منزل تي رسڻ لاءِ پنهنجي پنهنجي ڀاڱي جو ڪم ڪرڻو پوندو. تاريخ گواھ رهي ته وڏا مقيد ماڻڻ لاءِ وڏيون تڪليفون ڏسڻيون پون ٿيون ۽ وڏيون وڏيون قربانيون ڏيڻيون پون ٿيون.
ڇڄ ۾ قطاران، ساٿ چڙهندو لڪئين،
مڇڻ ٿيئن پئان، وڳ واٽ ئي نه ليهن.
(ڀٽائي)