تڪليف، سور، ڏک، ڏولاوا انسان جي زندگيءَ ۾ تمام
اهم ڪردار ادا ڪن ٿا، ڏک سور انسان منجھ سهپ ۽ صبر جي مادي کي وڌائيندا آهن. تڪليف
پوءِ اها ڪهڙي به هجي، ذهني، جسماني توڙي روحاني تڪليف هجي، هر قسم جي تڪليف
پنهنجو پنهنجو فائدو رسائيندي آهي. اسان
مان ڪيترائي اهڙا ماڻهو آهن جيڪي تڪيلف ڏسڻ کان ڪيٻائيندا آهن ۽ تڪليف کان پاسيرو
رهندا ۽ ڏک سور جي زندگي کان پري رهڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، جنهن مان کين اهڙو نقصان
رسندو آهي، جنهن جي کين سڌ ڪين هوندي آهي.
زندگيءَ جا آرام، آرائشون بنا تڪليفون ڪاٽڻ هرگز نه ملندا آهن. ان لاءِ ڀٽ
ڌڻي جو ارشاد آهي:
“ ڪَرِ مَ سَڌَ سَري جِي، جي تُون ٽارِين ٽُوه،”
مقصد ته جيڪڏهن
ڪو شخص تڪليف برداشت ڪرڻ کان عار ٿو ڪري، جستجو کان پاسو ٿو ڪري، اهو آرام آسائش ۽
ڪنهن به قسم جي آساني جي گهر نه ڪري. ڇو
ته هر انعام لاءِ ڪا نه ڪا قيمت ادا ڪرڻي پوندي آهي ۽ سک به ڏکن جي بدلي ئي ملندا
آهن.
انساني شعور جو
سفر جيڪو هن وقت به جاري آهي ۽ اڳتي به جاري رهندو آهي ان جي ارتقا جي پٺيان سورن
۽ سختين جو وڏو حصو. تڪليفن ۽ ضرورتن انسان کي سوچڻ تي مجبور ڪيو جنهن سان هن
زماني جي ارتقا ٿي آهي. چوندا آهن ته ضرورت ايجاد جي ماءُ آهي پر جيڪڏهن ائين چئجي
ته تڪليف ايجاد جي ماءُ آهي ته تڏهن به غلط ڪين ٿيندو. هي وري تڪيلف جو ٻيو پاسو
آهي.
تڪليف جستجو به
آهي، جستجو جي ختم ٿيڻ سان زندگي بي مقصد ٿي پوندي آهي، بلڪل اهڙي جهڙي رٽائرڊ
سرڪاري ڪاموري جي. رشتا ۽ محبتون به تڪليف کان خالي ڪين آهن. محبت ۾ محبوب جي
خوشيءَ لاءِ ماڻهو ڪيتريون ئي قربانيون ڏئي ٿو. جي محبوب رسي وڃي ته ڪس ڪسر کائي،
پاڻ کي نقصان رسائي، پيڙا مان گذري محبوب کي پرچائي ٿو. پوءِ جتي “اسان عبادت، نظر ناز پرين جو.” اتي
جدائي جي تڪليف به ڪا قيامت کان گهٽ نه هوندي آهي. جي حب ڌرتي سان هجيس ته سر جو
سانگو لاهي ويهي رهي، پر جي سر پيارو اٿس پوءِ عاشق نه سڏائي ڇو ته عشق چوي ٿو. “اصل
عاشقن جو سر نه سانڍڻ ڪم.”
تڪليف، محبت ۽
منزل جو پاڻ ۾ وڏو گهرو تعلق آهي، منزل ماڻڻ لاءِ محبت جو هجڻ لازمي آهي ۽ محبت ۾
سور ئي سور هوندا آهن. مان وري به چوندس ته اهي انسان جيڪي پنهنجي پنهنجين منزلن
تائين رسيا آهن، انهن وڏي جدوجهد ڪئي ۽ ڪي ئي تڪليفون ڪاٽيون آهن، جنهن کانپوءِ
کين چڪو چکڻ ڪاڻ مليو. جيڪڏهن سائنسدان پنهنجين خوشين تي ڌاڙو نه هڻن ها، بند
لائبريرين ۽ ليبارٽرين ۾ ڏينهن رات نه جهاڳين ها ته شايد دنيا ۾ هيڏي وڏي جدت نه اچي ها.سنڌ جي سائين شاھ
عبداللطيف ڀٽائي پنهنجي ڪلام ۾ سور کي سڀ کان وڌيڪ اهميت ڏني آهي جيڪو هيٺ ڏنل بيت مان ظاهر آهي
.
“سور جنين کي
سريو، سري تن صحت،
مــٺــي
مــصــيــبــت، آهــي عـاشــقــن کــــي.”
هڪ انسان هجي يا
کڻي هڪ قوم هجي ان کي ڪنهن مقام يا منزل تي پهچڻ لاٰءِ وڏي جهدوجهد ڪرڻي پوي ٿي ۽
ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. دنيا ۾ ڪيتريون ئي اهڙيون قومون آهن، جيڪي نيست نابود
ٿي وڃڻ باوجود به اهڙيون اسريون جو اڄ
عالمي طاقتون آهن. جاپاني قوم به انهن منجهان هڪ مثال آهي ۽ اڄ به ڪيتريون
ئي پوئتي پيل قومون هن هيڏي عالم ۾ ڪو مقام حاصل ڪرڻ لاءِ جاکوڙي رهيون آهن ۽ منزل
رسان ٿيڻ لاءِ ڪيتريون ئي قربانيون ڏيئي چڪيون آهن. سنڌي قوم به انهن منجهان هڪ
آهي. دنيا جون اهي قومون جن کي بنا ملڪ واريون قومون چيو ويندو آهي انهن مان سنڌ به
هڪ آهي. سنڌ جي قومي تحريڪ جنهن جو مقصد سنڌ جي آزادي آهي، ڪيتريون ئي قربانيون
ڏيئي چڪي آهي ۽ جيسين منزل نه ٿي ملي ايتري تائين قربانيون ڏيڻيون پونديون ۽ اها
ڳالھ هڪ قوم لاءِ وڏي تڪليف آهي ۽ جيڪا به قوم پنهنجي سجاڳي ۽ اوسر جي دور مان
گذرندي آهي، ان کي اهڙيون ڪيتريون ئي تڪليفون ڏسڻيون پونديون آهن.
پنهنجي قوم سان ۽ ڌرتي سان محبت ڪندڙ پنهنجي سر
جي پرواھ نه ڪندا آهن ۽ پنهنجي قوم ۽ ڌرتي ماءُ جي خاطر سوين تڪليفون سهندا ۽ ان
کي ڪنهن منزل تي پهچائڻ لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏيندا آهن، اهي امر ٿيندا ۽ اعليٰ
مقام تي پهچندا آهن. تڪليف محبت ۽ منزل جو موضوع تمام ڊگهو ۽ معنيٰ خيز آهي، ان
موضوع کي سمجهڻ معنيٰ زندگي کي سمجهڻ آهي.
دنيا جي هر رنگ ۾ تڪليف، محبت ۽ منزل جو تصور آهي.
پر هن وقت مون
لاءِ ۽ سنڌ جي هر هڪ نوجوان، هر هڪ سجاڳ
ماڻهوءَ لاءِ تڪليف ، محبت ۽ منزل جو تصور
فقط سنڌ، سنڌي قوم ۽ انسانيت لاءِ آهي، يعني اسان سنڌي ، سنڌي قوم جا فرد پنهنجي
قوم کي اعليٰ مقام تي پهچائڻ لاءِ دل و جان سان محنت ڪيون ۽ تڪليفون ڪاٽيون ته
جيئن اسان جي ايندڙ نسلن لاءِ آساني پيدا ٿي سگهي. شاھ عبداللطيف ڀٽائي جنهن امن ،
پيار ۽ محبت جو پيغام ڏنو ان جي پيغام جو مطالعو ڪيون ۽ ان جي فلسفي کي پوري انسان
ذات تائين پهچايون.